Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 39:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بيشڪ اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، جن بابت مون خداوند خدا فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اهو اچي ٿو ۽ ائين ڪيو ويندو؛ اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 39:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


پر جڏهن سزا بابت تنهنجيون اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، هائو، اهي سڀيئي ضرور پوريون ٿينديون، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي موجود آهي.“


گھڻو اڳي مون پنهنجي نبين جي معرفت بني اسرائيل کي خبردار ڪيو هو تہ ڪجھہ عرصي بعد آءٌ سندن دشمن لشڪرن کي مٿن چاڙهي آڻيندس. سو اي ياجوج! سندن اهو دشمن تون ئي آهين ۽ اهو ڏينهن بہ اچڻ وارو آهي.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجي پاڪ نالي کي پڌرو ڪندس ۽ وري اڳتي پنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿيڻ نہ ڏيندس، تڏهن قومون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن بني اسرائيل جي شهرن جا رهاڪو ٻاهر نڪري پنهنجي مري ويل دشمنن جا هٿيار گڏ ڪندا. هو ايتريون تہ سپرون، ڍالون، تيرڪمان، تير، ڀالا ۽ نيزا گڏ ڪندا جو انهن کي ستن سالن تائين باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا.


پر اي عزيزؤ! اوهين هيءَ ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ وسارجو تہ خداوند جي اڳيان هڪڙو ڏينهن هزار سالن جي برابر آهي ۽ هزار سال هڪڙي ڏينهن جي برابر.


جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ