حزقي ايل 39:17 - Muslim Sindhi Bible17 خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.