خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقيايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو.