حزقي ايل 39:10 - Muslim Sindhi Bible10 ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقيايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو.