Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 38:4 - Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ تو کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍا وجھي جنگ ڪرڻ لاءِ تنهنجي علائقي مان گهلي ٻاهر ڪڍندس. تنهنجي وڏي لشڪر ۾ گھڻا ئي جنگي جوڌا، گھوڙا ۽ گھوڙي سوار هوندا جيڪي سڀيئي هٿياربند هوندا ۽ وٽن سپرون، ڍالون ۽ تلوارون هونديون، تن سڀني کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 38:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


بيابان واري قلعي ۾ جد قبيلي جا جيڪي مشهور ۽ تجربيڪار سپاهي دائود سان اچي شامل ٿيا هئا ۽ جيڪي ڍال ۽ نيزي جا ماهر، ڏسڻ ۾ شينهن وانگر ڪَرڙا ۽ ڊوڙڻ ۾ جابلو هرڻ وانگر تکا هئا،


انهيءَ کان پوءِ امصياہ يهوداہ وارن جي سڄي لشڪر کي گڏ ڪيو جنهن ۾ بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي قبيلن جا ماڻهو هئا. هن انهن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي گھراڻن موجب، هزار هزار ۽ سؤ سؤ جا دستا بڻائي مٿن سالار مقرر ڪيا. پوءِ لشڪر ۾ ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن جو شمار ڪيو ويو تہ انهن ۾ ٽي لک چونڊيل جوان جنگ جي لائق ۽ نيزي ۽ ڍال کڻڻ جهڙا هئا.


تنهنجي انهيءَ بڪواس ۽ گستاخيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نڪ ۾ ناڪيلي، ۽ تنهنجي وات ۾ لغام وجھندس، ۽ جنهن رستي کان تون آيو آهين، ساڳي ئي رستي سان تو کي لوڌي روانو ڪندس.‘“


آءٌ ئي جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گھوڙن وارن طاقتور لشڪرن کان ڪاهہ ٿو ڪرايان، ۽ آءٌ ئي انهن کي اهڙو تباهہ وَ برباد ٿو ڪريان، جو اهي مري وڃي اهڙا ٿا سمهن جو وري ڪڏهن بہ نہ اٿندا. اهي ائين گم ٿيو وڃن، جيئن ڪو ڏيئو اجھامي وڃي.“


سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“


هوءَ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا، ۽ ڪي جنگي سپاهي هئا جن جون ورديون عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.


آءٌ تنهنجي ڄاڙين ۾ ڪنڍيون اٽڪائيندس، ۽ تنهنجي ڇلڙن تي تنهنجيءَ نديءَ جون مڇيون چنبڙائيندس. جڏهن آءٌ تنهنجي دريائن مان گهلي تو کي ٻاهر ڪڍندس، تڏهن اهي سڀ مڇيون تنهنجي ڇلڙن تي چنبڙيل هونديون.


تنهنڪري تون پنهنجي اتر وارن ڏورانهن علائقن کان هلندين ۽ تو سان گڏ گھڻين ئي قومن جا وڏا ٽولا هوندا ۽ اهي گڏجي هڪ وڏو لشڪر ٿي پوندا. اهي سڀيئي گھوڙن تي سوار هوندا.


مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، اي مسڪ ۽ توبل جا حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


آءٌ تو کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻيندس. هائو، آءٌ تو کي اتر جي ڏورانهن علائقن کان گهليندو بني اسرائيل جي جابلو علائقن تي چاڙهي آڻيندس.


اهي منهنجي دسترخان تي گھوڙن، گھوڙي سوارن، بهادر سپاهين ۽ سڀني جنگي جوڌن جو ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي ڍءُ ڪن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي تہ اوهان تي اُهي ڏينهن ضرور ايندا، جڏهن اوهان کي ڪُنڍا وجھي گهليو ويندو. هائو، اوهان مان هر هڪ ڪنڍين ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر پئي ڦٿڪندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ