Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 38:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مسڪ ۽ توبل قومن جي حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج خلاف تون اڳڪٿي ڪر، جيڪو ماجوج جي علائقي ۾ رهي ٿو. هائو، تون کيس ننديندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 38:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يافت جي پٽن جا نالا هئا: جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.


يافت جو اولاد جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس هئا.


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


اهو آواز مون حزقي‌ايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪري انهيءَ سان مخاطب ٿيءُ ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي خلاف اڳڪٿي ڪر.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين ڏانهن ڌيان ڏي ۽ سندن خلاف اڳڪٿي ڪر.


توبل، مسڪ ۽ يونان وارن واپارين بہ تو سان تجارت ٿي ڪئي. هو واپار لاءِ ٻانها ٻانهيون ۽ پتل جا ٿانوَ تو وٽ آڻيندا هئا.


مسڪ‌توبل جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ سندس چوڌاري آهن. اهي سڀيئي اڻ‌طهريل دنيا ۾ دهشت ڦهلائيندا هئا، پر هاڻي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيا آهن.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي.


مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، اي مسڪ ۽ توبل جا حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِ‌اعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بلڪ آءٌ ماجوج جي ملڪ تي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪناري وارن سلامتيءَ سان رهندڙ ماڻهن تي باهہ نازل ڪندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجو منهن بني اسرائيل جي ملڪ جي جبلن ڏانهن ڪر ۽ انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ