Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 38:19 - Muslim Sindhi Bible

19 آءٌ پنهنجي غيرت ۽ قهر وچان اهڙو تہ خوفناڪ زلزلو موڪليندس جيڪو سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 38:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي. هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.


پوءِ ڪاوڙ سببان هن جي ناسن مان دونهون نڪرڻ لڳو. هن جي واتان ناس ڪندڙ باهہ ۽ ڀڙڪندڙ ٽانڊا ٿي نڪتا.


ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن تي اڀريل گاهہ ۽ ٻوٽا سڀيئي سڪائي ڇڏيندس. آءٌ ندين توڙي ڍنڍن کي سڪائي بيابان بڻائي ڇڏيندس.


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل جي ملڪ بابت اڳڪٿي ڪندي جبلن، ٽڪرين، نهرن ۽ ماٿرين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، جيئن تہ اوهان غير قومن جا گھڻا ئي طعنا پنهنجي سر تي سَٺا آهن، تنهنڪري آءٌ پنهنجي سخت غيرت وچان انهن قومن جي خلاف ڳالهايان ٿو.


پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بلڪ آءٌ ماجوج جي ملڪ تي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪناري وارن سلامتيءَ سان رهندڙ ماڻهن تي باهہ نازل ڪندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادر‌مطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.


سڀيئي ٻيٽ غائب ٿي ويا ۽ جبلن جو نالو نشان بہ ڪونہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ