حزقي ايل 38:14 - Muslim Sindhi Bible14 تنهنڪري اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.