Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 38:11 - Muslim Sindhi Bible

11-12 تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 38:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.


دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس، جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا. هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن، پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا. ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي.


پوءِ وڻن ۾ ميوو ٿيندو ۽ ٻنين ۾ فصل ٿيندا. آءٌ بني اسرائيل کي غلاميءَ جي پاڃاريءَ مان آزاد ڪندس ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا، تن جي هٿان کين ڇڏائي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهائيندس. تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون ياجوج کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جڏهن منهنجي قوم بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن تو کي اها خبر پوندي.


ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.


اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.


انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.


سو جڏهن اوهين اردن درياءَ جي پار وڃي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، تڏهن هو اوهان کي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهڻ لڳندا.


پوءِ بني دان ميڪاہ جي ٺاهيل شين ۽ سندس ڪاهن سميت بيت‌رحوب واري ماٿريءَ جي شهر ليس ۾ بي‌خوف وَ خطر ۽ امن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مٿان اچي ڪڙڪيا. انهن کي تلوار جي ڌار سان ماريائون ۽ پوءِ سندن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيائون. ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ صيدا کان سندن شهر ليس پري هو ۽ انهن ماڻهن جو ڪنهن ٻئي سان بہ ڪو واسطو ئي ڪونہ هو. بني دان اهو شهر وري ٻڌو ۽ منجھس رهڻ لڳا.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ