Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 37:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! هاڻي هوا کي مون خداوند خدا جو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’اي هوا! هر طرف کان گھلندي اچ ۽ هنن قتل ٿيل لاشن ۾ ساهہ وجھہ تہ اهي وري زندہ ٿي پون.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تڏهن هن مون کي فرمايو تہ هوا سان نبوت ڪر؛ اي آدمزاد، هوا سان نبوت ڪري ڳالهاءِ، ۽ چئينس تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي روح، چئني پاسي جي هوائن کان اچ، ۽ هنن مُئلن تي ڦوڪ تہ هو زندہ ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 37:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن وري تون پاڻ وٽان ساهہ موڪلين ٿو، تڏهن ڌرتيءَ تي مخلوق پيدا ٿئي ٿي. ائين تون روءِزمين کي نئين سر آباد ڪندو رهين ٿو.


اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


تڏهن هن وري مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڪل هڏين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ


’ڏسو، اي سڪل هڏيون! آءٌ خداوند خدا اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين وري زندہ انسان ٿي پونديون.


منهنجي ڏسندي ئي انهن تي نسون لڳي ويون، ماس چاڙهيو ويو ۽ مٿان کل ڍڪجي وينِ. پر اڃا انهن ۾ ساهہ ڪونہ پيو هو.


پر جڏهن هو اوج تي پهچندو، تڏهن سندس شهنشاهت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اها ٽڪرا ٽڪرا ٿي چئن حصن ۾ ورهائجي ويندي. انهيءَ مان ڪوبہ حصو سندس اولاد کي نہ ملندو، بلڪ اهي سڀ حصا ٻين جي حوالي ٿيندا. انهن حصن جي حشمت سندس حڪومت جهڙي نہ رهندي.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن.


جهڙيءَ طرح هوا کي جيڏانهن وڻي ٿو تيڏانهن گھُلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آهي سو بہ ائين ئي آهي.“


پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“


اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ