حزقي ايل 37:6 - Muslim Sindhi Bible6 هائو، آءٌ اوهان تي نسون لڳائي ماس چاڙهيندس ۽ اوهان کي کل سان ڍڪي ڇڏيندس. پوءِ اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين زندہ انسان ٿي پونديون ۽ ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible6 آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“
پوءِ انهن ماڻهن جا لاش هر انهيءَ جاءِ تي پيا هوندا جتي هو پنهنجي بتن لاءِ خوشبودار نذرانا پيش ڪندا هئا. هائو، اهي اتي سندن قربانگاهن جي چوڌاري توڙي سندن بتن جي وچ ۾ پيا هوندا، يعني سندن سڀني ٽڪرين تي ٺهيل پوڄا گھرن ۾، سڀني جبلن جي چوٽين تي، هر سائي وڻ ۽ شاهہبلوط جي وڻ هيٺ. تڏهن سڄي بني اسرائيل قوم ڄاڻي وٺندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.