Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 37:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ’ڏسو، اي سڪل هڏيون! آءٌ خداوند خدا اوهان ۾ ساهہ وجھندس تہ اوهين وري زندہ انسان ٿي پونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 37:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح.


پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا گناهن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ خدا جي فضل جي ڪري ئي بچي ويا آهيو.


اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ