Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 37:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن هن وري مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڪل هڏين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 37:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


تو منهنجي بدن کي هڏين ۽ نسن سان جڙي، انهن کي ماس ۽ کل سان ڍڪي ڇڏيو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم بني اسرائيل وارؤ! اي ٻوڙؤ! اوهين ٻڌو، اي انڌؤ! اوهين نظر ڪريو ۽ ڏسو.


سو اي ملڪ! هائو، اي يهوداہ جا ملڪ! تون ٻڌ تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! دشمن ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’واہ واہ! هاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جا قديم جبل اسان جا آهن.‘


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘


تنهنڪري تون هنن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ انهن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍندس. آءٌ اوهان کي موٽائي اوهان جي وطن ۾ آڻيندس.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! هاڻي هوا کي مون خداوند خدا جو هي حڪم ٻڌاءِ تہ ’اي هوا! هر طرف کان گھلندي اچ ۽ هنن قتل ٿيل لاشن ۾ ساهہ وجھہ تہ اهي وري زندہ ٿي پون.‘“


اي دنيا جا بنياد جبلؤ! اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو، ڇو تہ بني اسرائيل جي خلاف خداوند مقدمو داخل ڪري ٿو. هائو، هو کين ڏوهي قرار ٿو ڏئي.


”اندر اچي هارون جي لٺ کڻ ۽ پوءِ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون ٻيئي ڄڻا سڄيءَ قوم کي گڏ ڪريو. پوءِ هنن جي اکين جي اڳيان اوهين ٽڪريءَ کي چوندا تہ منجھانئس پاڻي وهي نڪرندو. اهڙيءَ طرح تون انهيءَ ٽڪريءَ مان انهن ماڻهن ۽ سندن چوپائي مال جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪڍندين.“


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ