Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 37:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري تون هنن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ انهن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍندس. آءٌ اوهان کي موٽائي اوهان جي وطن ۾ آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهنڪري هنن کي نبوت ڪري چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي منهنجي قوم، آءٌ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ اوهان کي قبر مان ٻاهر ڪڍندس؛ ۽ آءٌ اوهان کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 37:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


جڏهن اوهين اهو سڀ ٿيندو ڏسندا، تڏهن اوهين بيحد خوش ٿيندا. اوهان جي طاقت ۽ صحت ايترو تہ تيزيءَ سان وڌندي، جيئن گاهہ وڌندو آهي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرمانبردار ٻانهن سان گڏ آهيان، پر پنهنجي دشمنن کان بيحد ناراض آهيان.“


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”جن قومن ۾ بني اسرائيل ڪڻو ڪڻو ٿي ويا آهن، تن مان جڏهن آءٌ کين آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ قومن جي روبرو هنن کان پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرائيندس. پوءِ بني اسرائيل پنهنجي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو.


آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.


اي منهنجي قوم وارؤ! جڏهن اهو سڀ ڪجھہ ٿيندو تڏهن اوهين مڃي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس.


هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا.


تڏهن هن وري مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڪل هڏين کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.


اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.


جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي دنيا ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو.


بيشڪ خداوند ئي ماري ٿو ۽ هو ئي جياري ٿو، هو ئي قبر ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو ئي ٻاهر ڪڍي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ