Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 37:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جا ماڻهو انهن مئل هڏين مثل آهن. اهي شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ’اسان جون هڏيون سڪي ويون آهن ۽ اسان جي ڪا اميد باقي نہ رهي آهي. اسين تہ بلڪل فنا ٿي ويا آهيون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تڏهن هن مون کي فرمايو، تہ اي آدمزاد، هي هڏيون اسرائيل جو سڄو گهراڻو آهي: ڏس، هو چون ٿا تہ اسان جون هڏيون سُڪي ويون آهن، ۽ اسان جي اُميد ويندي رهي آهي؛ اسين بلڪل وڍجي ويا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 37:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل وقت ۾ اوهين پنهنجين نافرمانين ۽ گناهن جي ڪري مئل هئا.


پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس.


آءٌ اوهان تي بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گھڻو وڌائيندس. ملڪ جا ويران شهر وري اڏايا ويندا ۽ اهي آباد ٿيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“


پر يروشلم جي ماڻهن چيو تہ ”خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي ڌڻيءَ اسان کي وساري ڇڏيو آهي.“


تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.


اي اسرائيل ملڪ ۾ رهندڙ قوم! ڌارين معبودن پٺيان لڳي پنهنجي پيرن ۾ لڦون نہ وجھہ، نڪي سندن پٺيان لڳي سهڪندي پنهنجي نڙي سڪاءِ. پر تون چوين ٿي تہ ’نہ، آءٌ هرگز نہ مڙنديس. مون کي ڌارين معبودن سان عشق آهي ۽ آءٌ انهن جي ئي پوڄا ڪنديس.‘“


پوءِ هو چوندا تہ ”جيئن ڪو زمين کي هر ڏيئي ڀتر کيڙي ٿو، تيئن ئي اسان جا هڏا قبر جي منهن تي ٽڙيل پکڙيل آهن.“


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


تڏهن تون کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائج تہ ’آءٌ اسرائيل جي شاهي لٺ ۽ يهوداہ جي شاهي لٺ ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي گڏ ڪري ڇڏيندس. آءٌ انهن ٻنهي کي پنهنجي هٿ ۾ جھليندس تہ اهي گڏجي هڪ ٿي وينديون.‘


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’يهوداہ جي بادشاهت.‘ پوءِ وري ٻي ڪاٺي کڻ ۽ انهيءَ تي هي لفظ لک ’اسرائيل جي بادشاهت.‘


پاڻي منهنجي سر کان مٿي ايترو تہ چڙهي ويو آهي، جو آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻ آءٌ ٻڏي مرڻ وارو آهيان.


تنهنڪري اي بني يعقوب! اوهين ڇو شڪايت ٿا ڪريو؟ هائو، اي بني اسرائيل! اوهين ڇو اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تہ خدا اوهان جي تڪليفن کي نہ ٿو ڄاڻي، يا هو اوهان سان ٿيندڙ ناانصافيءَ ۾ اوهان جي سار سنڀال نہ ٿو لهي؟


ٻنهي حالتن ۾ مسيح جي اسان سان محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون.


آءٌ ڄڻ تہ مئلن جي وچ ۾ ڇڏيو ويو آهيان، جن کي ماري قبر ۾ وڌو هجين، هائو، جيڪي تنهنجي سنڀال ۾ نہ آهن، ۽ جن کي تو وساري ڇڏيو آهي.


تنهنجو سخت غضب مون تي اچي ڪڙڪيو آهي. تنهنجي دهشتناڪ حملن مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي.


جيتوڻيڪ هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي، بلڪ اهو بابلين جي حوالي ڪيو ويو آهي،‘ تنهن هوندي بہ هن ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ٻنين جي خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.


سو مون سمجھي ڇڏيو آهي تہ منهنجي جيڪا اميد خداوند ۾ قائم وَ دائم هئي، سا بلڪل ختم ٿي ويئي آهي.


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘


سو منهنجي اميد آهي ڪٿي؟ هائو، ڪير ڏسندو منهنجي اميد کي؟


اي خداوند جا نيڪ بندؤ! سڀيئي ساڻس پيار ڪريو. هو وفادارن جي حفاظت ڪري ٿو، پر جيڪي مغرور آهن تن کي جوڳي سزا سان بدلو ڏئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ