حزقي ايل 36:3 - Muslim Sindhi Bible3 تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |