حزقي ايل 36:1 - Muslim Sindhi Bible1-2 خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! دشمن ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’واہ واہ! هاڻي بني اسرائيل جي ملڪ جا قديم جبل اسان جا آهن.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 اي آدمزاد، تون اسرائيل جي جبلن لاءِ نبوت ڪر ۽ چئين تہ اي جبل، خداوند جو ڪلام ٻڌو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.