Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 34:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اوهان ڪڏهن بہ ضعيفن کي طاقت نہ ڏني آهي، نڪي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو اٿوَ، نہ وري ڀڳل عضون کي ٻڌي سڄو ڪيو اٿوَ. اوهان ڀٽڪي ويلن کي موٽائي نہ آندو آهي، نڪي گم ٿي ويلن کي ڳولي لڌو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ زور ۽ زبردستيءَ سان مٿن حڪم پئي هلايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ضعيفن کي اوهان زور نہ ڏياريو، نڪي بيمارن کي اوهان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؛ نڪي ڀڳلن کي اوهان ٻڌي سڄو ڪيو، نڪي جيڪا ڪاهجي ويئي تنهن کي اوهان موٽائي آندو، نڪي جيڪا گم ٿي ويئي تنهن کي اوهان ڳولي لڌو؛ پر زور ۽ زبردستيءَ سان اوهان هنن تي حڪم هلايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 34:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


پر اهو ماڻهو کين وراڻيندو تہ ”نہ، آءٌ اوهان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿو سگھان. اوهين مون کي قوم جو حاڪم نہ بڻايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي گھر ۾ بہ نہ کاڌو آهي ۽ نہ ڪپڙو.“


ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم جا سڀيئي نگهبان انڌا آهن. انهن سڀني کي ڪا ڄاڻ نہ آهي. هائو، اهي سڀ اهڙن بيڪار پهريدار ڪتن مثل آهن، جيڪي گونگا آهن ۽ ڀونڪي بہ نہ ٿا سگھن. اهي خوابن ۾ گم رهڻ وارا آهن، جن کي سستيءَ مان ليٽيو رهڻ ئي پسند آهي.


ويل آهي ان لاءِ! جيڪو پنهنجو گھر بي‌ايمانيءَ سان ٺهرائي ٿو، ۽ ظلم ڪندي ماڙيون تعمير ٿو ڪرائي، هائو، جيڪو پنهنجي هم‌وطنن کان بيگار جو ڪم وٺي ٿو، ۽ کين مزدوري نہ ٿو ڏئي.


جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟ اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟ پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.


اهو ٻين شينهن سان گڏ شڪار ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙو طاقتور ٿي پيو جو ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو.


هن ڪيئي قلعا تباهہ ڪيا ۽ شهرن کي برباد ڪري ڇڏيو، هن جي گجگوڙ وارو آواز ٻڌي، ملڪ جو هر ڪو رهاڪو ڏڪي ويندو هو.


پوءِ هنن انهيءَ کي لوهي ڪنڍا وجھي جڪڙي بند ڪيو، ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ کڻي ويس. هنن اتي ان کي هڪڙي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي گجگوڙ جو آواز بني اسرائيل جي جبلن تي وري ٻڌڻ ۾ نہ اچي.


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


اوهين انهن تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو.


پر بني اسرائيل، جيڪي ڀٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.


پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون.


۽ اچي پنهنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي،


ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي عيسيٰ جي دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.


مطلب تہ ايمان جي معاملي ۾ اسين اوهان تي حڪم هلائڻ نہ ٿا چاهيون، پر اوهان جي خوشيءَ ۾ اوهان جا مددگار آهيون، ڇاڪاڻ تہ اوهين پنهنجي ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ