Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 34:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن جي خلاف اڳڪٿي ڪر. کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي اڳواڻؤ! ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بني اسرائيل لاءِ ڌنار مثل آهيو. اوهين رڳو پنهنجا پيٽ ٿا پاليو، جڏهن تہ ڌنارن جو ڪم رڍن ٻڪرين جو پيٽ پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، اسرائيل جي ڌنارن جي برخلاف نبوت ڪر؛ نبوت ڪري انهن کي، يعني انهن ڌنارن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي اسرائيل جي ڌنارن سان، جي پاڻ کي چارين ٿا! ڌنارن کي ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ رڍن کي چارين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 34:2
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


هائو، اهي لالچي ڪتن مثل آهن، جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿا ڍاپجن. اهي اهڙا اڳواڻ آهن جن کي ڪابہ سمجھہ ڪانهي. انهن مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو مفاد پيو سوچي، ۽ پنهنجي فائدي لاءِ ماڻهن سان زيادتيون پيو ڪري.


مون کين وراڻيو تہ ”اسان جا اڳواڻ بي‌سمجھہ آهن، ڇوجو خداوند کان ڪابہ پڇا نہ ٿا ڪن. تنهنڪري ئي هو ناڪام ٿي ويا آهن، ۽ اسين رڍن وانگر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون.


جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


آءٌ اوهان کي اهڙا حڪمران ڏيندس جيڪي منهنجي مرضيءَ تي هلندڙ هوندا. اهي علم ۽ سمجھہ سان اوهان جي اڳواڻي ڪندا.


اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.


ملڪ جي اڳواڻن جي فتنہ‌انگيزي پيئي هلي. اهي گجندڙ شينهن جيان آهن جيڪو پنهنجي شڪار کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي. هو ماڻهن کي ڳهيو ٿا ڇڏين ۽ سندن مال متاع ۽ قيمتي شيون ڦري لٽي ٿا ڇڏين. هنن مڙسن کي قتل ڪري رنن‌زالن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘


هائو، آءٌ انهن کي سٺن چراگاهن ۾ چاريندس. انهن جو واڙو سندن ملڪ جي مٿاهن جبلن تي هوندو، جتي اهي سرسبز چراگاهن ۾ سائي گاهہ تي آرام سان پيون چرنديون.


آءٌ خداوند خدا پاڻ پنهنجين رڍن ٻڪرين جو ڌنار ٿيندس ۽ کين سلامتيءَ واريءَ جاءِ ۾ رکندس.


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“


ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي.


تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ گمراهيءَ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان،


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماءُ پيءُ کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماءُ پيءُ جي لاءِ.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي خدا سندن خلاف فتويٰ جاري ڪئي هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ