Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 33:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن تو انهن بدڪار ماڻهن کي خبردار ڪيو، تہ جيئن اهي بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿين، پر اهي توبهہ‌تائب نہ ٿيا تہ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ماريا ويندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 33:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


پر جيڪڏهن تو انهن بدڪارن کي خبردار ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ هو پنهنجي شرارت ۽ بڇڙائيءَ کان باز نہ آيا، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.


پر جيڪڏهن تو انهن سچار ماڻهن کي خبردار ڪيو ۽ انهن تنهنجي نصيحت تي عمل ڪندي گناهہ نہ ڪيا، تہ پوءِ هو ضرور جيئرا رهندا ۽ تنهنجي جان بہ بچي ويندي.“


پوءِ اهو نگهبان جڏهن دشمنن کي ويجھو ايندي ڏسندو تڏهن ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نفيل وڄائيندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ نفيل جو آواز ٻڌي خبردار نہ ٿئي ۽ دشمن اچي کيس قتل ڪري ڇڏين تہ اهو پنهنجي قتل جو پاڻ ذميوار هوندو.


پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.


اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي.


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ گمراهيءَ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان،


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ