Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن آءٌ تنهنجي برباديءَ جو تنهنجي اڻ‌ڏٺل ملڪن ۾ اعلان ڪرائيندس، تڏهن تنهنجو حال ٻڌي گھڻين قومن کي هيبت وٺي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جڏهن قومن جي وچ ۾ آءٌ تنهنجي تباهي آڻيندس، جنهن جي توکي خبر ئي ڪانهي. آءٌ گهڻين قومن جي دلين کي غمگين ڪندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون، فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.


ٻين جهازن جا سڀيئي وانجھي توڙي خلاصي ۽ سمورا ناکئان پنهنجن جهازن مان نڪري خشڪيءَ تي اچي بيٺا آهن.


ٻين قومن مان جيڪي ماڻهو تو کي سڃاڻين ٿا، سي تنهنجو اهو حال ڏسي دهلجي ويا آهن. تون ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻجي ويو آهين، ۽ وري ابد تائين نابود ئي رهندين.‘“


هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.


مصرين کي آءٌ ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.


پوءِ آءٌ مصرين کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس، جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا. هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن، پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا. ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي.


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ