حزقي ايل 32:7 - Muslim Sindhi Bible7 جڏهن آءٌ تو کي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ڇڏيندس. هائو، آءٌ تارن جي روشنيءَ کي ڍڪي ڇڏيندس، سج بہ ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو، ۽ ڏسندي ڏسندي چنڊ جي روشنائي بہ نظر نہ ايندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.