انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِزمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون.