Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:2
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اي منهنجا پٽ يهوداہ! تون اهڙو جوان شينهن آهين، جيڪو شڪار کي ماري اتان هليو ٿو اچين، ۽ ليٽي ڪري سمهين ٿو رهين، هاڻ ڪير آهي جيڪو تو کي اٿاري سگھي؟


ان جي بدن جو ماس اهڙو تہ مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهي جو ان جو نرم حصو بہ لوهہ جهڙو سخت آهي.


آءٌ ڪا خونخوار سامونڊي بلا آهيان ڇا، جو تون منهنجي چوڌاري بند ٿو ٻڌين؟


سچار ماڻهوءَ جو ڪنهن بدڪار جي اڳيان جھُڪڻ ائين آهي، جيئن ڪو صاف پاڻيءَ جو چشمو لتاڙيو ويو هجي، يا جيئن ڪنهن کوهہ جو پاڻي زهريلو بڻايو ويو هجي.


غريبن مٿان بدڪار حڪمران ائين آهي، جيئن شڪار لاءِ بکايل بگھڙ يا ڦرندڙ رڇ.


ببر شينهن، جيڪو جانورن ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي، ۽ جيڪو ڪنهن کان ڊڄي ڀڄڻ وارو ناهي،


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.


اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.


مصر وارن سوچيو ٿي تہ ’اسين ٻوڏ وانگر چڙهندا وينداسين، ۽ ڌرتيءَ کي ڍڪي ڇڏينداسين. اسين شهرن کي سندن رهاڪن سميت ناس ڪري ڇڏينداسين.‘ هو ڪيئن نہ نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر مٿي چڙهندا ٿي آيا، ۽ درياءَ جي ڇولين جيان سندن لشڪر اٿل ٿي کاڌي.


ماڻهن وراڻيو تہ ”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن، تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون ۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.


هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون صور شهر تي مرثيو ڳاءِ.


هو واءِ‌ويلا ڪندي تو تي هي مرثيو ڳائيندي چون ٿا تہ ”هاءِ! اي صور شهر! هاءِ! اهڙو ڪير آهي جيئن تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ مناري جيان بيٺو هئين؟


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ لاءِ هي مرثيو ڳاءِ. هائو، چوينس تہ هن لاءِ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي صور جا بادشاهہ! تون ڪڏهن ڪماليت ۾ يڪتا ۽ حسن ۾ ڪامل هئين،


سندن بادشاهت ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خسيس هوندي ۽ وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت ڪرڻ جي طاقت نہ رکندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ کي اهڙو تہ پست ڪري ڇڏيندس، جو اهي وري ڪڏهن بہ ٻين قومن تي حڪومت هلائي نہ سگھندا.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


ڇا اوهين انهيءَ ڳالهہ کي خسيس ٿيون سمجھو، جو اوهين بهترين چراگاهہ مان گاهہ چرو ٿيون ۽ ڍءُ ڪرڻ بعد باقي گاهہ کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي خراب ٿيون ڪريو؟ اوهين پاڻ تہ صاف پاڻي پي ڍءُ ٿيون ڪريو ۽ باقي بچيل پاڻيءَ کي پنهنجي پيرن سان لتاڙي خراب ڪري ٿيون ڇڏيو؟


اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘


اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ