Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اي آدمزاد، مصر جي جماعت لاءِ واويلا مچاءِ ۽ انهن کي، ۽ مشهور قومن جي ڌيئرن کي، زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ انهن سان گڏ اُڇلائي ڇڏ، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟


پر جيڪي ماڻهو منهنجي جان وٺڻ ٿا گھرن، شال اهي سڀ پاتال منجھہ وڃي پون!


مگر انهيءَ جي بجاءِ تون تہ قبر ۾، بلڪ پاتال جي تمام هيٺاهين ڀاڱي ۾ لاٿو ويو آهين.


آہ! هاڻي آءٌ سبماہ جي انگورن جي باغن لاءِ ائين ٿو روئان، جيئن يعزير لاءِ روئندو ٿو رهان. اي حشبون ۽ العالي شهرؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ لڙڪ وهائيندو ٿو رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ميون ۽ اناج جي فصلن تي جنگ جي تباهي اچي پيئي آهي.


ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.


جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.


آءٌ تنهنجي لشڪر کي اهڙن زورآورن جي هٿان مارائيندس، جيڪي سڀني قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن. اهي تنهنجي ملڪ جي مغروريءَ کي ٽوڙي ڇڏيندا، ۽ تنهنجي لشڪر کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندا.


اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.


بهادر فوجي سالار ۽ اوهان جون اتحادي قومون جيڪي اڳي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيون آهن، سي اوهان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪري چونديون تہ ”واہ واہ! هي بہ اڻ‌طهريلن ۽ قتل ٿي ويلن سان گڏ اچي پاتال ۾ پيا آهن.“‘


هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.


انهيءَ سبب مون اوهان ڏانهن پنهنجا نبي موڪليا، جن اوهان کي منهنجي فرمان مطابق سزا ۽ برباديءَ بابت ٻڌايو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو عدل سدائين نور جيان پيو چمڪندو رهندو.


اهڙي دردناڪ واقعي سبب آءٌ ميڪاہ روئندس ۽ رڙندس، ۽ پيرين اگھاڙو ۽ ننگو ٿي گھمندس. جيئن گدڙ ڪوڪون ڪندا آهن، ۽ شتر مرغ روئڻ جهڙو آواز ڪڍندا آهن، تيئن ئي آءٌ سوڳ وچان رڙيون ڪندس.


اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.


جڏهن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ