Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اهو آهي مرثيو، جنهن سان هو ماتم ڪندا، قومن جون ڌيئون انهي موجب ماتم ڪنديون، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مصر ۽ ان جي سڄي جماعت لاءِ هو اُنهي سان ماتم ڪنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي سوڳ ۾ هي مرثيو ڳايو.


يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو! ماتمي عورتن کي گھرايو، بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“


هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر وارن لاءِ واءِ‌ويلا ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ پيغام وسيلي کين طاقتور ماڻهن سان گڏ ماري پاتال ۾ اڇلائيندس جتي هو مئلن سان گڏ هوندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مصر جي بادشاهہ لاءِ تون هي مرثيو پڙهندي منهنجي طرفان کيس پيغام ڏي تہ ’اي فرعون! تون پنهنجو پاڻ کي قومن منجھہ هڪڙي شينهن مثل ٿو سمجھين، پر تون نيل نديءَ جي هڪڙي اجگر بلا مثل آهين، جيڪا ندين ۾ پيئي ٿاڦوڙا هڻي. تون ندين جي پاڻيءَ کي پيرن سان ولوڙي ميرو ٿو ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ