Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 32:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن آءٌ مصر کي ويران ۽ سنسان ڪندس، ۽ اتي رهڻ وارن کي فنا ڪري ڇڏيندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 جڏهن آءٌ مصر جي زمين ويران ۽ غير آباد ڪندس، اهڙي زمين جنهن مان اُهي سڀ شيون گم ٿي وينديون، جن سان اُها ڀريل هئي، جڏهن آءٌ اتي جي سڀني رهڻ وارن کي ماريندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 32:15
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


جڏهن آءٌ انهن تي فتح حاصل ڪندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“


هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. پوءِ اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


پوءِ آءٌ مصرين کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


تڏهن نهرن جو پاڻي صاف ٿي ويندو، ۽ درياءَ ماٺا ٿي وهندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ماڻهو قتل ڪيا ويندا ۽ جيڪي باقي بچندا سي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ