حزقي ايل 30:9 - Muslim Sindhi Bible9 جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن آءٌ سوڊان وارن ڏانهن بہ پنهنجا قاصد جهازن ۾ موڪليندس، جيڪي مصر جي تباهيءَ جو اعلان ڪندا. هو سمجھن ٿا تہ مصر جي هجڻ سان امن وَ سلامتيءَ ۾ آهن، پر مصر جي برباديءَ جو اعلان ٻڌي اهي دهلجي ويندا. ڏسو، اهو وقت ويجھو ٿي رهيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تون چوندين تہ ’آءٌ انهيءَ ڪمزور ملڪ تي چڙهائي ڪندس، جتي جا ماڻهو امن وَ سلامتيءَ سان رهن ٿا ۽ کين پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ مال ملڪيت آهي. انهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن، نڪي وري دروازا ۽ گز. آءٌ انهن شهرن جي ماڻهن کي لٽيندس ۽ ڦريندس. اهي شهر ڪنهن وقت پٿرن جو ڍير هئا ۽ اتان جا ماڻهو غير قومن ۾ جلاوطن بڻجي ويا هئا. پر پوءِ اهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي اچي آباد ٿيا، جيڪو سڄي دنيا ۾ خاص اهميت رکي ٿو.‘
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.