Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 30:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ڏينهن مصر ملڪ تي تلوار اچي ڪڙڪندي، ۽ ملڪ ۾ قتلام ٿيندو. انهيءَ جا بنياد ڊاهيا ويندا ۽ خزانا لٽيا ويندا. بلڪ سوڊان ملڪ وارا بہ سخت مصيبت ۾ پئجي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 30:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ هاڻي موآب جا ماڻهو پاڻ تي آيل مصيبتن تي واءِ‌ويلا ڪن ٿا. اهي سڀ قيرحراست شهر ۾ کاڌل ڪشمش جي خاص ٽڪين کي ياد ڪري واءِ‌ويلا ٿا ڪن. بيشڪ اهي سڀيئي بدحال ٿي ويا آهن.


آہ! ويل آهي سوڊان جي انهيءَ علائقي لاءِ! جيڪو ان جي ندين جي هُن پار آهي، ۽ جنهن ۾ پرن وارن جيتن جي ڦڙڦڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.


هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


اشورين جڏهن اشدود شهر فتح ڪيو تڏهن خداوند فرمايو تہ ”جيئن تہ منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو رهيو آهي، سو اها مصر ۽ سوڊان وارن جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت آهي تہ ساڻن ڇا ڪيو ويندو.


سندن سالارن حڪم ٿي ڪيو تہ ’اي گھوڙي سوارؤ! اوهين گھوڙن کي ڌوڪيندا هلو. اي جنگي گھوڙي گاڏين وارؤ! طوفاني رفتار سان هلو. اوهين اي سوڊان ۽ لبيا وارؤ! جيڪي ڍالون کڻندڙ آهيو، ۽ اوهين اي لود وارؤ! جيڪي تيرڪمان کڻندڙ آهيو، هائو، اي جوڌا جوانؤ! اوهين اڳتي وڌندا هلو.‘“


مٿن هر طرف کان هڪلون ڪريو، انهن جا ڪوٽ قلعا ڀڃو ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪريو، تڏهن هو اچي پيش پوندا. بيشڪ اهو مون خداوند جو بدلو آهي، سو اوهين بہ کانئن بدلو وٺو، ۽ جيئن هنن ٻين سان ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻن ڪريو.


آءٌ اوهان جي شهر ۾ وبا موڪليندس. آءٌ هڪ قاتل لشڪر پڻ آڻيندس، جيڪو شهر ۾ هر طرف کان حملا ڪندي گھٽين ۾ خونريزي ڪندو. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


هائو، آءٌ مصر کي سڀني کان وڌيڪ ويران ملڪ بڻائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ جا شهر چاليهن سالن تائين ٻين برباد ٿيل شهرن کان وڌيڪ اجڙيل رهندا. ان کان علاوہ آءٌ مصر جي ماڻهن کي ٻين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ کين دربدر ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو مصر جو قيمتي خزانو لٽي ڦري کڻي ويندو ۽ اهو خزانو پنهنجي لشڪر کي سندن محنت جي اجرت طور ورهائي ڏيندو.


سو اي مصر جا بادشاهہ! ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو تي حملي لاءِ لشڪرن کي موڪليندس، جيڪي تنهنجي ماڻهن توڙي جانورن کي ماري ڇڏيندا.


انهن سان گڏ فارس، سوڊان ۽ لبيا جي ماڻهن کي بہ گهلي ڪڍندس، جيڪي سڀيئي سپربردار ۽ جنگي ٽوپ پهريل هوندا.


هو مصر جي سون ۽ چانديءَ جي خزانن، بلڪ سڀني قيمتي شين تي قبضو ڪري وٺندو. لبيا وارا توڙي سوڊاني پڻ سندس تابعدار ٿيندا.


اي سوڊان جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ