Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 30:22 - Muslim Sindhi Bible

22 سو هاڻي آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ جي خلاف آهيان. آءٌ سندس ٻيئي ٻانهون، يعني جيڪا سڄي اٿس سا بہ ۽ جيڪا اڳي ئي ڀڳل اٿس، تنهن کي بہ وري ڀڃي ڇڏيندس. آءٌ سندس هٿ مان تلوار ڪيرائي وجھندس تہ جيئن هو اڳتي جنگ ڪرڻ جي لائق نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 30:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو بدڪارن جو زور ٽوڙيو ويندو، پر سچار ماڻهن جي خداوند حفاظت ڪندو.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.


مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي قبضي هيٺ آيل سمورو علائقو پنهنجي قبضي ڪري ڇڏيو هو.


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


ويل آهي انهيءَ نالائق ريڍار لاءِ! جيڪو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي. هن جي ٻانهن سڪي ويندي، ۽ سندس ساڄي اک صفا انڌي ٿي پوندي. هائو، ويل آهي انهيءَ نالائق حڪمران لاءِ! جنگ ۾ سندس طاقت بلڪل ختم ٿيندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ