Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 30:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 30:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربان‌گاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو.


هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا.


تحفنيس شهر ۾ مون تي وري خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ


هي آهي خداوند جو اهو فرمان جيڪو قومن جي باري ۾ مون يرمياہ تي نازل ٿيو،


اسان جي جلاوطنيءَ جي ستاويهين سال، پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي تون پنهنجو رخ مصر جي بادشاهہ فرعون ڏانهن ڪر، ۽ هن جي ۽ سندس سڄي ملڪ مصر جي خلاف اڳڪٿي ڪر.


اي حزقي‌ايل! جنهن ڏينهن مصر ملڪ کي شڪست ملندي، تنهن ڏينهن آءٌ بني اسرائيل قوم کي مضبوط ڪندس ۽ هنن سان ڳالهائڻ جي تو کي طاقت عطا ڪندس. تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اڳڪٿي ڪندي اعلان ڪر تہ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي مصر وارؤ! روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ دهشت وارو ڏينهن اچي رهيو آهي.


ڪنهن زماني ۾ مون خداوند ئي فرعون جي هٿان سڄي جهان جي ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ وڌو هو. پر هاڻي هو ۽ سندس لشڪر وارا قتل ڪيا ويندا ۽ کين اڻ‌طهريلن ۽ ٻين جنگ ۾ مارجي ويلن سان گڏ پاتال ۾ وڌو ويندو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ