Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون بني اسرائيل جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي چوان ٿو سي ئي وڃي انهن کي ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي ۾ وڃ ۽ منهنجون ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون جلاوطن ٿيلن کي خداوند جون اهي سڀيئي ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون، جيڪي رويا ۾ مون کي ڏيکاريون ويون هيون.


تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“


”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي.


اهي گستاخ ۽ ضدي آهن. پر مون خداوند خدا تو کي انهيءَ لاءِ چونڊيو آهي تہ تون وڃي انهن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.


سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي بني اسرائيل وارن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ انهن جي ابن ڏاڏن مون سان وري ٻيهر بہ بي‌وفائي ڪري منهنجي بي‌ادبي ڪئي.


تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“


هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي.


آءٌ تو کي ڪنهن ڌاريءَ يا مشڪل ٻوليءَ واري قوم لاءِ ڪونہ ٿو مقرر ڪريان، بلڪ بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ