Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:27
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مون جلاوطن ٿيلن کي خداوند جون اهي سڀيئي ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون، جيڪي رويا ۾ مون کي ڏيکاريون ويون هيون.


اهي گستاخ ۽ ضدي آهن. پر مون خداوند خدا تو کي انهيءَ لاءِ چونڊيو آهي تہ تون وڃي انهن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.


جيئن تہ اهي باغي آهن، سو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن يا نہ، پر گھٽ ۾ گھٽ هو ايترو تہ ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي اچي ويو آهي.


تڏهن انهيءَ ڏينهن وري تو کي ڳالهائڻ جي سگھہ ملندي ۽ تون وڌيڪ گونگو نہ رهندين. اهڙيءَ طرح تون هنن لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين ۽ پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


اي حزقي‌ايل! جنهن ڏينهن مصر ملڪ کي شڪست ملندي، تنهن ڏينهن آءٌ بني اسرائيل قوم کي مضبوط ڪندس ۽ هنن سان ڳالهائڻ جي تو کي طاقت عطا ڪندس. تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“


آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهن ڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ هنن باغي ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جي لائق نہ رهندين.


آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“


انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوت‌پرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ