Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:26 - Muslim Sindhi Bible

26 آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهن ڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ هنن باغي ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جي لائق نہ رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن آءٌ تو کي ياد نہ ڪريان، ۽ تو کي پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ نہ سمجھان، تہ پوءِ منهنجي هيءَ زبان ڀلي منهنجي تارونءَ کي چنبڙي پوي.


اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.


سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن.


تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي.


تڏهن انهيءَ ڏينهن وري تو کي ڳالهائڻ جي سگھہ ملندي ۽ تون وڌيڪ گونگو نہ رهندين. اهڙيءَ طرح تون هنن لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين ۽ پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


جڏهن هو مون سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ پنهنجيون نظرون جھڪائي ڌرتيءَ ۾ هڻي بيٺو رهيس ۽ ڳالهائي ڪين ٿي سگھيس.


اسرائيل وارا بتن جي پوڄا گھرن ۾ ڦاسي ويا آهن، کين ڇڏي ڏيو تہ ڀلي هو پنهنجي رستي سان هلن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهن هوندي بہ حقيقت ۾ منهنجي شڪايت اسرائيل وارن سان نہ، بلڪ اتان جي ڪاهنن سان ئي آهي.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ