2 سو مون پنهنجو وات کوليو تہ هن اهو ويڙهوٽو منهنجي وات ۾ وڌو.
2 تڏهن مون وات پٽيو ۽ هن مون کي اُها ويڙهي کارائي.
سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.
تنهنڪري هاڻي تون انهن جي خلاف منهنجو پيغام ٻڌائي ڇڏ. هائو، اي آدمزاد! تون کين ٻڌائي ڇڏ.“
هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي.
”سو اي بادشاهہ اگرپا! مون آسمان مان جيڪا رويا ڏٺي، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم.