Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهن کان پوءِ آءٌ ڪبار نهر جي ڀرسان تل‌ابيت شهر ۾ رهندڙ جلاوطنن وٽ موٽي آيس. آءٌ ستن ڏينهن تائين اتي پنهنجي ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهين تي سڪتي ۾ ويٺو رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن کانپوءِ آءٌ تل ابيب ۾ قيدين وٽ ويس، جي ڪبار نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، ۽ آءٌ ستن ڏينهن تائين انهن منجهہ حيران ٿيو ويٺو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اهي اتد علائقي جي ڳاهہ ڳاهڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا، جيڪا اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اُتي هو دل ڏاريندڙ وڏي آواز ۾ رنا. يوسف اُتي پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن سوڳ ڪيو.


پوءِ اهي ست ڏينهن ۽ ست راتيون ايوب سان گڏ زمين تي ويٺا رهيا. پر منجھائن ڪنهن بہ ساڻس هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ ايوب نهايت ئي تڪليف ۾ هو.


اسان بابل جي ندين جي ڪناري ويٺي ڏاڍو رنو. هائو، اسان اتي صيئون کي ياد ڪري رنو پئي.


نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.


ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


ڪبار نهر جي ڪناري تي خداوند مون سان ڳالهايو ۽ سندس قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي.


اهي پردار آسماني مخلوقات بلڪل اهي ساڳيا ئي ساهوارا هئا، جيڪي مون ڪبار نهر جي ڀرسان ڏٺا هئا. جڏهن اهي مٿي بلند ٿي ٿيا،


تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس.


هيءَ رويا بلڪل انهيءَ رويا وانگر هئي، جيڪا مون انهيءَ وقت ڏٺي هئي جڏهن خداوند يروشلم کي برباد ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ انهيءَ رويا وانگر پڻ هئي جيڪا مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن مون هڪدم پنهنجو سر زمين تي رکي سجدو ڪيو.


مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ