Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 3:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ سندس تعليم قبول ڪر، ۽ سندس ڳالهين کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رک.


مون تنهنجي فرمان کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيو آهي، تہ جيئن تنهنجي خلاف ڪو گناهہ نہ ڪريان.


يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تان‌تہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.


سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.


پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“


تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“


آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ