حزقي ايل 29:3 - Muslim Sindhi Bible3 تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.