اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، اي منهنجا محافظ! منهنجي ٻڌي تون اڻٻڌي نہ ڪر. ائين نہ ٿئي جو تون منهنجي طرف ڏانهن خاموش رهين، پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر اندر لهي ٿا وڃن.
”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟
بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.