حزقي ايل 28:7 - Muslim Sindhi Bible7 سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس، جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن. هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 تنهنڪري ڏس آءٌ توتي ڌاريا ماڻهو آڻيندس جي قومن ۾ هيبتناڪ هوندا: ۽ اُهي تنهنجي ڏاهپ جي سونهن تي پنهنجون تراريون ڪڍندا ۽ تنهنجي رونق برباد ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان پوءِ پنهنجي انهيءَ رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو، جيڪو خوفناڪ، بلڪ تمام هيبتناڪ هو. هو نهايت مضبوط هو ۽ کيس لوهہ جا وڏا وڏا ڏند هئا. هو شڪار کي چيري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائي ٿي ويو ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ٿي ڇڏيائين. اهو اڳين جانورن کان انهيءَ ڳالهہ ۾ مختلف هو جو انهيءَ کي ڏهہ سڱ هئا.