Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 28:5 - Muslim Sindhi Bible

5 وڏيءَ ڏاهپ سان واپار ڪندي تو پنهنجي دولت کي وڌايو آهي. تنهنجي انهيءَ دولت جي ڪري تنهنجيءَ دل ۾ ڪيڏو نہ تڪبر اچي ويو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 28:5
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي جو تون غرور سان ٿو ڳالهائين. هاڻي منهنجي صلاح مڃي پنهنجي گھر ۾ ئي ويٺو رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“


اوهين ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ نہ وري ڦرمار تي مغرور ٿيو. جيڪڏهن اوهان جي دولت وڌي بہ وڃي، تہ انهيءَ تي دارومدار نہ رکو.


خدا هڪڙي ڳالهہ فرمائي آهي تہ ”قدرت مون خدا جي آهي.“ پر ان کان علاوہ مون کانئس اهو بہ ٻڌو آهي تہ ”دائمي شفقت پڻ مون ڌڻيءَ کان ئي آهي.“ بيشڪ اي خدا! تون هر ڪنهن کي سندس عمل موجب ئي بدلو ڏين ٿو.


جيڪي پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿا رکن، سي خزان ۾ ڇڻندڙ پنن جيان ڪومائجي ڪرندا. مگر سچار ماڻهو بهار جي پنن جيان سرسبز وَ شاداب رهندا.


اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بي‌وقوف مان وڌيڪ اميد آهي.


انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ڪريان.“


تہ جيئن اوهين سڀني قومن سان واپار ڪري سگھو. هنن ٻين قومن سان واپار ڪندي اوهان کي دولتمند بڻائي ڇڏيو آهي. اوهين سيحور مان اناج خريد ڪري اچي وڪرو ٿا ڪريو، جيڪو مصر ۾ پوکيو وڃي ٿو.


ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟


ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.


اي سرڪش عمونيؤ! ڊاڙون ڇو ٿا هڻو؟ اوهان مان طاقت نڪرندي ٿي وڃي. اوهان کي پنهنجي طاقت تي ايترو ڀروسو ڇو آهي جو چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي حملو ڪري سگھندو؟‘


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين. هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو. تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.


انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“


پر جڏهن اوهين سرسبز ملڪ ۾ داخل ٿيا، ۽ اوهان کائي پي ڍءُ ڪيو، هائو، جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريو، تڏهن اوهين مغرور ٿي ويا ۽ اوهان مون کي وساري ڇڏيو.


صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي، ۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.


پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.


خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي پنهنجيءَ طاقت ۽ پنهنجي هٿن جي زور جي وسيلي ئي هيءَ دولت حاصل ٿي آهي.‘


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ