Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 28:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 28:2
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا ائين انهيءَ ڪري چيو آهي جو کيس خبر آهي تہ جنهن وقت اوهين اهو ميوو کائيندا تنهن وقت خدا وانگر نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سڃاڻي وٺندا.“


پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


اي خداوند! تون انهن ۾ پنهنجو خوف وجھي ڇڏ، تان‌تہ اهي ڄاڻي وٺن تہ هو ڪيڏا نہ فاني آهن.


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن صور شهر کي برباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو؟ هائو، انهيءَ شهر کي ڪنهن ناس ڪيو، جيڪو بادشاهن کي تاج پهرائيندڙ هو، جنهن جا واپاري امير هئا، ۽ جنهن جا سوداگر پوريءَ دنيا ۾ معزز ليکيا ٿي ويا؟


مصري تہ رڳو فاني انسان آهن، اهي خدا جيان غير فاني نہ آهن. انهن جا گھوڙا بہ رڳو هڏ ماس جا ٺهيل آهن، اهي روح جيان لازوال نہ آهن. جڏهن خداوند سزا لاءِ پنهنجو هٿ وڌائيندو، تڏهن مدد گھرڻ وارن سان گڏ سندن مدد ڪرڻ وارا بہ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي سڀ جو سڀ گڏ چٽ ٿي ويندا.


تنهنڪري هاڻي هيءَ ڳالهہ ٻڌ. تون عيش عشرت ۾ ٻڏل آهين، ۽ بي‌پرواهيءَ سان ٿي گذارين، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’آءٌ ئي عظيم آهيان، ۽ مون جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘ هائو، تون جيڪا سوچين ٿي تہ ڪڏهن بہ رن‌زال نہ ٿيندينءَ، ۽ نہ وري تنهنجو اولاد ئي مرندو،


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.


تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين. هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو. تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.


جڏهن تنهنجا قاتل تو آڏو اچي بيهندا تہ پوءِ تون اڃا پاڻ کي خدا سڏائيندين؟ جڏهن تہ تنهنجا قاتل ڄاڻن ٿا تہ تون خدا نہ بلڪ رڳو هڪڙو فاني انسان آهين.


تون کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر جا بادشاهہ فرعون! تون هڪڙي وڏي اجگر بلا آهين، جيڪو نيل نديءَ جي وهڪرن ۾ ليٽندي ٻٽاڪون ٿو هڻين تہ ”نيل ندي منهنجي آهي ۽ مون اها پنهنجي لاءِ بڻائي آهي.“ سو ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


ايتري قدر جو تنهنجو ملڪ ويران ۽ اجڙيل بيابان ٿي ويندو، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. جيئن تہ تو دعويٰ ڪئي آهي تہ نيل ندي تنهنجي آهي ۽ تو انهيءَ کي بڻايو آهي،


سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي.


انهيءَ وڏي ڪٽڪ کي شڪست ڏيڻ سان مصر جي بادشاهہ جي دل ۾ مغروري اچي ويندي. پر جيتوڻيڪ هو لکين سپاهين کي قتل ڪندو، تنهن هوندي بہ سندس حاصل ڪيل فتح مڪمل نہ هوندي،


سو شام جي بادشاهہ کي جيئن وڻندو تيئن ڪندو. هو پاڻ کي پڏائيندو ۽ هر معبود کان پاڻ کي وڏو چوائيندو ۽ تڪبر وچان معبودن جي معبود خدا بابت ڪفر بڪندو. هو تيستائين ڪامياب رهندو، جيستائين مٿس خدا جو غضب اچي نہ ڪڙڪي. بيشڪ جيڪي مقرر ڪيو ويو آهي، سو ضرور ٿيندو.


اهو بادشاهہ نہ پنهنجي ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن، نڪي عورتن جي وڻندڙ معبود ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو. هائو، هو ڪنهن بہ معبود جو لحاظ نہ ڪندو، بلڪ هو پنهنجو پاڻ کي ئي سڀني کان مٿاهون ڪندو.


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.


هو حمات علائقي کي بہ نظر ۾ رکي ٿو، جنهن جي سرحد حدراڪ سان ملي ٿي. صور ۽ صيدا شهر بہ سندس نظر کان بچيل نہ آهن، توڙي جو سندن رهاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هنرمند آهن.


پوءِ جنهن اوهان ٻنهي کي شاديءَ جي دعوت ڏني هجي، اهو اوهان وٽ اچي چوي تہ ’اوهين هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيو،‘ تہ اوهان کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي ويهڻو پوندو.


تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“


هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ