Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 28:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 28:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور ۽ صيدا جا سڀ بادشاهہ، ڀونوچ سمنڊ جي پرينءَ ڀر جا سڀ بادشاهہ،


اسان جي جلاوطنيءَ جي يارهين سال، مهيني جي پهرين تاريخ خداوند مون کي فرمايو تہ


سو تنهنجو مال متاع، تنهنجو تجارت وارو سامان، تنهنجا وانجھي توڙي ناکئان، تنهنجي مرمت ڪندڙ تو ڙي مال جا سوداگر، تو ۾ موجود سڀ جنگي جوڌا، هائو، اهو پورو ٽولو جيڪو تو ۾ موجود هو، سي سڀيئي تنهنجي برباديءَ واري ڏينهن سمنڊ ۾ ٻڏي ويا.


سڄي دنيا جا سوداگر تو تي افسوس وچان شوڪارا ٿا ڀرين. تون سڀني لاءِ عبرت جي نشاني بڻيو آهين، ۽ هاڻي ابد تائين تون فنا ئي رهندين.‘“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صور جي بادشاهہ کي مون خداوند خدا جو هيءُ پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيئن تہ تنهنجي دل تڪبر سان ڀرجي ويئي آهي، تڏهن ئي تو چيو آهي تہ ”آءٌ خدا آهيان ۽ سمنڊ جي وچ ۾ پنهنجي خدائي تخت تي ويٺو آهيان.“ هائو، تون پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي خدا ٿو سمجھين، جڏهن تہ تون خدا نہ پر رڳو فاني انسان آهين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


هو حمات علائقي کي بہ نظر ۾ رکي ٿو، جنهن جي سرحد حدراڪ سان ملي ٿي. صور ۽ صيدا شهر بہ سندس نظر کان بچيل نہ آهن، توڙي جو سندن رهاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا هنرمند آهن.


صور وارن پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعو ٺاهيو آهي، ۽ رستن جي ڌوڙ وانگر سون ۽ چانديءَ جا ڍير لڳايا اٿائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ