Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جِبل شهر جا تجربيڪار ماڻهو ۽ اتي جا ڏاها ماڻهو تنهنجي سار سنڀال رکندا هئا، ۽ تو ۾ پيل سوراخن جي مرمت ڪندا هئا. سمنڊ جا سڀ جهاز ۽ انهن جا خلاصي تو وٽ ايندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي واسطي تجارت جو ڪم ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح سليمان بادشاهہ ۽ حيرام بادشاهہ جي ڪاريگرن ۽ جِبل شهر وارن هيڪل جي لاءِ پٿرن ۽ ڪاٺ کي گھڙي تيار ڪيو.


انهيءَ منجھہ جهاز هلن ٿا، ۽ ازدها بلا بہ منجھس رهي ٿي، جنهن کي تو اتي کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.


جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.


اشور ملڪ وارا بہ اچي انهن سان گڏيا آهن. اهي لوط جي اولاد موآبين ۽ عمونين جو ساڄو هٿ اچي بڻيا آهن.


جِبلين جو سڄو علائقو، اوڀر طرف سڄو لبنان، حرمون جبل جي هيٺان بعل‌جد کان وٺي حمات لڪ تائين.


دنيا جا سوداگر بہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو نہ رهيو هوندو جيڪو سندن هي مال خريد ڪري، جهڙوڪ:


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي بادشاهن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ دنيا جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ