Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنجا ونجھہ هلائڻ وارا صيدا ۽ اروَد شهرن جا رهاڪو هئا. اي صور! تنهنجا پنهنجا ڏاها ماڻهو تنهنجا ناکئا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنجا ونجهہ هلائڻ وارا صيدون ۽ ارود جا رهاڪو هئا: اي صور تو ۾ جيڪي ڏاها ماڻهو هئا سي تنهنجا ناخدا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.


اروادي، صماري ۽ حماتي. ان کان پوءِ ڪنعاني قبيلو پکڙجي ويو.


اي زبولون! تنهنجو اولاد سمنڊ جي ڪناري تي پيو رهندو، هائو، انهيءَ ڪناري تي جيڪو جهازن جو بندرگاهہ ٿيندو. سندن علائقي جي سرحد وڌي صيدا تائين وڃي پهچندي.


سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“


حيرام پنهنجا ڪجھہ تجربيڪار ملاح سليمان ڏانهن موڪليا جيڪي سندس ملاحن سان گڏ انهن جهازن ۾


مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.


دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ


اروَد جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان گڏ چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پهرو ڏيندا هئا، ۽ جماد جا ماڻهو تنهنجي ٺُلهن تي پهرو ڏيندا هئا. هنن چوڌاري تنهنجي ڀتين تي پنهنجا هٿيار ٽنگي ڇڏيا هئا، جنهن سان تنهنجو حسن ڪامل ٿي پيو هو.


تنهنجي ٻڏندڙ ناکئاين جون رڙيون ٻڌندي ڪناري وارا سڀ ماڻهو خوف وچان ڏڪن ٿا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر.


پوءِ خداوند انهن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ بني اسرائيل انهن کي ماريندا ويا ۽ اتر ۾ وڏي صيدا، مسرفات‌المائم ۽ اوڀر ۾ مصفاہ جي ماٿريءَ تائين انهن جو پيڇو ڪيائون، تان جو انهن مان ڪوبہ جيئرو نہ بچيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ