Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هنن تنهنجا سڀ ٻاهريان تختا حرمون جبل جي صنوبر وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا. تنهنجو کوهو جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديال وڻ جو ڪاٺ آندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هنن تنهنجا سڀ جهاز وارا تخت سنير جي صنوبر جي وڻن جا جوڙيا آهن: تنهنجي کوهي جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديودار جا وڻ آندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


سو هاڻي حڪم جاري ڪر تہ منهنجي لاءِ لبنان جي علائقي ۾ ديال جا وڻ وڍيا وڃن. منهنجا مزدور تنهنجي مزدورن سان همراهي ڪرائيندا ۽ آءٌ تنهنجي مزدورن جي تو کي اوتري ئي اجرت ڏيندس جيتري تون مقرر ڪندين. تو کي تہ خبر آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ اوهان صيدانين جهڙو هجي.“


منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جا ماڻهو بسن کان وٺي اتر طرف ۾ بعل‌حرمون، سنير ۽ حرمون جبل تائين آباد ٿي ويا ۽ سندن تعداد وڌندو ويو.


سو تون هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل جيڪو هر قسم جو اُڪر جو ڪم ڄاڻندو هجي ۽ سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، لال ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ بہ ماهر هجي. هو يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي انهن ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪي منهنجي پيءُ دائود جا مقرر ڪيل آهن.


لبنان جي ديال وارن وڻن کي جھجھو پاڻي ملي ٿو. اهي وڻ خداوند جا آهن جيڪي هن ئي پوکيا آهن.


خداوند جو آواز اهڙو آهي جو ديال جي وڻن کي ڀڃيو ڇڏي، بلڪ لبناني ديال جي وڻن کي بہ هو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي.


سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.


اي منهنجي ڪنوار! تون لبنان جي جابلو علائقي کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ، هائو، اتان جي امانا، سنير ۽ حرمون جبلن جي چوٽين کي، جتي غارن ۾ شينهن ۽ چيتا رهندا آهن، تن کي ڇڏي مون وٽ هلي اچ.


هائو، هاڻي لبنان جا صنوبر توڙي ديال جا وڻ بہ انهيءَ ڪريل بادشاهہ مٿان خوشيون ڪندي چون ٿا تہ ’جڏهن کان تون ڪيرايو ويو آهين، تڏهن کان ڪوبہ اسان کي وڍي ڪيرائڻ ڪونہ آيو آهي.‘


بيشڪ، تون سمنڊ مٿان قائم هئين، ۽ تنهنجي اڏيندڙن تو کي خوبصورت جهاز جهڙو ٺاهيو هو.


انهيءَ کان سواءِ مٿاهين ميدان جا سڀ شهر، سڄو جِلعاد ۽ سڄو بسن ملڪ، سلڪاہ ۽ ادرعي شهر تائين، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر هئا سي اسان هٿ ڪيا.“ صيداني ماڻهو حرمون جبل کي سريون ۽ اموري ماڻهو ان کي سنير ڪري سڏيندا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ