تون سمنڊ جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٻيٽ بڻجي ويندين، جتي مهاڻا پنهنجا ڄار سڪائيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. هائو، اي صور شهر! تو کي قومون پيون لٽينديون ڦرينديون،
تون پنهنجي حسن جي ڪري ئي مغرور ٿي وئين. هائو، تنهنجي سونهن تنهنجي ڏاهپ کي بگاڙي ڇڏيو. تنهنڪري ئي مون تو کي ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو، ۽ ٻين بادشاهن جي آڏو تو کي ذليل وَ خوار ڪيو اٿم.