Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اهي وڏي آواز سان تنهنجي اهڙي حال تي زاروزار روئي رهيا آهن. هنن پنهنجن مٿن ۾ خاڪ وڌي آهي، ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پيا پائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:30
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


جڏهن اڃا هو پرڀرو ئي هئا تہ ايوب تي نظر پين، مگر کيس سڃاڻي نہ سگھيا. پر جڏهن کيس سڃاتائون تڏهن اهي رڙيون ڪري روئڻ ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳا ۽ پنهنجن مٿن ۾ مٽي وڌائون.


سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.


تڏهن نہ رڳو پنهنجي چيل ڳالهين جي ڪري آءٌ پاڻ کي ننديان ٿو، بلڪ مٽي ۽ رک مٿي ۾ وجھي توبهہ ٿو ڪريان.“


اي اڳواڻؤ! واءِ‌ويلا ڪريو ۽ روئو رڙو. هائو، اوهين جيڪي خداوند جي قوم، يعني سندس ڌڻ جا ڌنار آهيو، سي مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪسجڻ جا ڏينهن اچي پهتا آهن. اوهان کي ٽاڪُئين ٿانوَ جيان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بي‌حال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.


هو تو تي مرثيو ڳائيندي چوندا تہ ’هاءِ! هاءِ! سمنڊ جي ٻيٽ وارو عظيم شهر، ڪيئن نہ ناس ٿي ويو آهي! جنهن جي ماڻهن جي ڪڏهن تہ سامونڊي ڪناري تي واپاري حڪمراني هئي، ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جو هر هڪ ماڻهو کانئن ڊڄندو هو.


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


اي يهوداہ وارؤ! اوهين جات شهر وارن اسان جي دشمنن کي پنهنجي ملڪ تي اچڻ واري مصيبت بابت نہ ٻڌايو، اهي اوهان کي روئندي پٽيندي نہ ڏسن. تنهن هوندي بہ اوهين پنهنجي مصيبت جو اظهار اهڙيءَ طرح ڪندا جهڙا اوهان جي ڳوٺن جا نالا آهن، جهڙوڪ: اي بيت‌افرہ وارؤ! اوهين مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا.


تڏهن بنيامين قبيلي جو هڪڙو ماڻهو جنگ جي ميدان کان ڀڄندو ساڳئي ئي ڏينهن اچي سيلا ۾ پهتو. هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ