Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:23 - Muslim Sindhi Bible

23 شبا جي واپارين کان علاوہ حاران، ڪنہ، عدن، اشور ۽ ڪلمد شهرن جا واپاري پڻ تو سان واپار ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.


سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي.


پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين.


يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ددان جي اولاد مان اشوري، لطوسي ۽ لومي قومون بڻيون.


ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو.


جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟


تہ اوچتو شبا ملڪ جي ماڻهن اچي حملو ڪيو ۽ انهن سڀني کي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


اشور ملڪ وارا بہ اچي انهن سان گڏيا آهن. اهي لوط جي اولاد موآبين ۽ عمونين جو ساڄو هٿ اچي بڻيا آهن.


مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.


جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟


انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو خداوند سينڍ وڄائيندو تہ مصر جي نيل نديءَ مان نڪرندڙ ڏورانهين نهرن وٽان مکين وانگر ۽ اشور جي ملڪ مان ماکيءَ جي مکين وانگر دشمن لشڪر ڪاهي ايندا.


انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.


اهي ڪمخواب جا عمدا ڪپڙا، آسماني چڪندوزيءَ جي ڪم سان ڀريل جُبا، ۽ ٻيون قيمتي پوشاڪون، رنگين غاليچا ۽ مضبوط رسا تنهنجي بازارن ۾ واپار لاءِ آڻيندا هئا.


اشور جو بادشاهہ بہ اتي پاتال ۾ آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي ڪڏهن تہ جيئرن جي دنيا ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا، پر هاڻي اهي سڀ پاڻ جنگ ۾ مارجي ويا آهن ۽ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن.


اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘


آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيت‌عدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ ”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو، ۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو. پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو، ۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“


تہ بہ، ٻڌي ڇڏيو تہ اوهين برباد ٿيندا، جڏهن اشوري اوهان کي قيد ڪري وٺي ويندا.“


تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پيءُ مري ويو تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ