Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حزقي ايل 27:22 - Muslim Sindhi Bible

22 شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون، مختلف قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 سبا ۽ رعماہ جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا؛ هو سڀيئي عمدا مصالحہ ۽ سڀ قيمتي پٿر ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال وٺندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حزقي ايل 27:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان.


تڏهن سندن پيءُ يعقوب کين چيو تہ ”جي ائين آهي تہ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ هيئن ڪريو جو هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجھو ۽ اهي سوکڙيءَ طور وزير اعظم لاءِ کڻي وڃو. تن ۾ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، کؤنر، مُرَ، پستا ۽ باداميون هجن.


ڪُوش جو اولاد صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ هئا. رعمہ جو اولاد شبا ۽ ددان هئا.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


سو شل بادشاهہ سدائين جيئي، ۽ کيس شبا جو سون ڏنو وڃي! شل هن لاءِ هر دم دعائون گھريون وڃن، ۽ کيس سدائين برڪتون عطا ٿين.


اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.


انهن وٽ هميشہ عام عياش ماڻهن جو ميڙ ۽ گوڙ شور هوندو هو جيڪي بيابان کان گھرايل شرابي هئا. انهن ماڻهن ٻنهي ڀينرن کي هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا ۽ سندن مٿي تي سهڻا تاج رکيائون.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


اي ياجوج! شبا ۽ ددان شهرن جا ماڻهو ۽ اسپين ملڪ جي شهرن جا سوداگر تو کي چوندا تہ ’واہ واہ! تون تہ لٽ جو مال هٿ ڪرڻ آيو آهين. هائو، تو پنهنجا لشڪر گڏ ڪري انهيءَ لاءِ اچي حملو ڪيو آهي تہ انهيءَ ملڪ مان سون چاندي، ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ ٻيو گھڻو لٽ جو مال هٿ ڪرين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ